اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي)پاڪستان ۾ ايران جي سفارتخاني عالمي يوم القدس جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته فلسطين اسلامي دنيا جو سڀني کان وڏو ۽ اهم ترين مسئلو آهي، يوم القدس خاص طور تي فلسطين ڪاز لاءِ وقف آهي، اهو ڏينهن دنيا لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو خوداراديت جي اصول تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام لاءِ معاهد?? جي تجديد ڪري. سفارتخاني مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ جو آخري جمعو سڄي دنيا جي مسلمانن جي اتحاد جي علامت طور عالمي طور يوم القدس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوم القدس خاص طور تي فلسطين ۽ فلسطيني ڪاز لاءِ وقف آهي پر ان کان اڳتي اهو اسلامي دنيا جي اتحاد ۽ يڪجهت?? جي محور طور، قتل ۽ فساد ۽ قبض?? جي ??لم خلاف جنگ ۾ مسلمان ملڪن جي بيداري ۽ اتحاد جو ڏينهن آهي. اهو ڏينهن دنيا لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو بي گهر فلسطيني قوم تي 70 سال جي ??لم کي ياد ڪري ۽ خوداراديت جي اصول تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي معاهد?? جي تجديد ڪري.
فلسطين اسلامي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو، يوم القدس فلسطيني ڪاز لاءِ وقف آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ