والاريل بيت المقدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي، ته غزه پٽي تي اسرائيل جي جارحيت جي نت??جي ۾ هاڻي تائين 260 ٻارن، 230 عورتن ۽ 8 صحافين سميت 900 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. فلسطيني خابرو اداري مطابق فلسطين جي شهيدن ۾ 8 صحافي شامل آهن جڏهن ته 20 صحافي پيشيواراڻيون ذميواريون انجام ڏيڻ دوران بمباري ۾ سخت زخمي پڻ ٿيا آهن. صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي گهيراءَ جي نت??جي ۾ غ??ه ۾ اسپتالن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. صحت واري وزارت ٻڌايو ته بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ صحت جي نظام لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ ان جي نت??جي ۾ ڪيترن ئي سخت زخمي شهرين ۽ بيمارن جي حياتين کي خطرا درپيش آهن، جنريٽر وسيلي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ۽ انجنيئرنگ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. هوڏانهن روس جي خابرو اداري (تاس) فلسطين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته اسرائيل جي هوائي حملن جي نت??جي ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 22639 ??ما??تون ۽ 10 اسپتالون تباهه ٿي ??ڪي??ن آهن. ان کان علاوه 48 اسڪولن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته علائقي ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.
اسرائيل جي بمباري ۽ عسڪري ڪارروائي دوران صحافين سميت فلسطيني شهيدن جو انگ 900 ٿي ويو، غزه ۾ 22639 رهائشي عمارتون، 10 اسپتالون تباهه، 48 اسڪولن کي نقصان پهتو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار