گڏيل قومون – 31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پشاور مسجد ۾ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي سخت ترين ل??ظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته بزدلاڻي واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل طرفان جاري بيان ۾ سانحي جي متاثرين جي وارثن ۽ پاڪستان حڪومت سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ويجهو دهشتگردي پوءِ اها ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هن سانحي جي ذميوارن ۽ انهن جي مالي معاونت ڪندڙ توڙي سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي وئي ته هو بين الاقوام?? قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي هن معاملي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جي مدد ۽ معاونت ڪن. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ملڪ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته دهشتگردي جون ڪ??رروائيون پوءِ اهي ڪهڙي به مقصد جون هجن ۽ هو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجي ان کي جنهن به انجام ڏنو هجي اهو مجرماڻيون ڪ??رروائيون آهن ۽ انهن جو ڪ?? به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.
سلامتي ڪائونسل ۽ يو اين اي او سي جي پشاور حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : números quina hoje