اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيرا??ظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ