اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ پ??اڻا تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، ٻطرف?? تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??رو??ت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ترڪمانستان جي سفير ترڪمان قيادت پاران وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ترڪمانستان ??ي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمان عوام جي قومي اڳواڻ گربنگولي بردي محمدوف جا مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻنهي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به ملاقاتن جو اهو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ پ??اڻي، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??رو??ت آهي. ملاقات ۾ علائقائ?? تعاون جي حوالي سان قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي سفير وزيراعظم کي ٻطرفي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ترڪمان سفير جيڪو اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جو ڊين به آهي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پ??ڏيهي وزارت ۽ ٻين سرڪاري ادارن ج?? تعاون ۽ حمايت تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ پراڻا تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری