اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي ب??بت ??فا??ي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪو??ش ڪندس، وڪيل برادري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين ڪيو، وڪيل برادري منهنجي دل جي ويجهو آهي. هڪ مقامي هوٽل ۾ وڪيل اڳواڻن طرفان ڏنل سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر احسن ڀون، قانون وارو ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي عهديدارن، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مختلف بار ايسو سي ايشنز جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان ٽيم ورڪ تي يقين رکان ٿو ۽ ٽيم ورڪ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڪيل برادري ??فا??ي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڪيل برادري جي ڀلائي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪرڻ تي محسن نقوي جا ٿورا پڻ مڃيا.
الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب