اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوب?? تائين ت??ت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ??اح??لياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فورم جو ٿيم ”??اح??ليايت تهذيب ۽ ??اح??لياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتا??ي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي چين جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ