اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ ت??ت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن عالمي پارٽنرز سپورٽ گروپ جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جو جائزو ورتو ويو. گروپ جو اجلاس جيڪو جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کانپوءِ جوڙيو ويو هو، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي هڪ سال جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو. ان ٻوڏ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي تقرير ۾ مون ريزيليئنٽ، ريڪوري، ري هيبلي ٽيشن اينڊ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (فور آر ايف) تحت ٻيهر بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلوط حڪومت جي پختي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. مون سڀني عالمي ترقياتي ??طيو ڏيندڙن، حصيدارن ۽ دوست ملڪن کي انهن جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي امداد تي ??اراهيو ۽ انهن کي عالمي شهرت جي ٽئين ڌر جي ذريعي آڊٽ ڪندڙ غيرملڪي امداد جي شفاف ۽ موثر استعمال جو يقين ڏياريو. هن چيو ته آئون يو اين ڊي پي جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ بهترين هم آهنگي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو.
وزيراعظم پاران اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی