اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف ان??ورنس جي وچ ۾ ملڪي ميڊيا هائوسز سان واڳيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ۽ فلم انڊسٽري سان واڳيل فنڪارن ۽ فني ڪارڪنن جي لاءِ صحت ان??ورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان منصوبي تح?? سمورن ميمبرن کي صحت بابت هنگامي خرچن جي لاءِ ساليانو 15 لک رپين جي صحت ان??ورنس مهيا ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تقريب کي خط??ب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندو ۽ پيڙهه جو پٿ?? رکندو. انهن منصوبن ۾ بهاره ڪهو باءِ پاس جو افتتاح ۽ سرينا چوڪ انڊر پاس جي تعمير جي پيڙهه جو پٿ?? شامل آهي. انهن موقعن تي وزيراعظم تقريبن کي خط??ب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل يوٿ هب جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالمي معيار جي سهولتن، روزگار، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي سان آسان پهچ فراهم ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خط??ب پڻ ڪندو.
وزيراعظم جي فنڪارن لاءِ صحت انشورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس