باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ?? واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين ل??ڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گ??يل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گ??يل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي ل??ڳا??ن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گ??يل عزم اسان جي ٻطرفن ل??ڳا??ن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.
آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ