اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني، عدليه جي بحالي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ائرز ڪمپليڪس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جي بحالي لاءِ ڏنڊا کاڌا، گوليون کاڌيون، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عدل ۽ انصاف جي لاءِ جنگ وڙهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ ٺاهي وئي، بعد ۾ اها ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ رهجي وئي، اڄڪلهه سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججز جي فيصلي جو بحث هلي رهيو آهي، جيڪي ججز بئنچ کان ا??ڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان ۾ نه ويهڻ گه??جي ها. وزيرا??ظم چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو، بعد ۾ ان تي بئنچ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وزيرا??ظم چيو ته اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيرا??ظم اڪيلو ڪجهه به نه آهي، پوري ڪابينا آهي پر اهڙو حڪم ڏيندڙ پنهنجو پاڻ تي اهو ڇو لاڳو نه ٿا ڪن، مولوي تميزالدين ڪيس بابت سڀ ڄاڻين ٿا، جسٽس منير ئي نظريه ضرورت جو موجد آهي. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي ڇو ته جيڪو به اليڪشن کان ڀڄندو ان جي سياست انهي ئي ڏينهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ويو، اسان ا??يل داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آهي، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ويو، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي گريبان ۾ جهاتي پائي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻو آهي يا ذاتي ويڙهه وڙهي ملڪ کي اتي پهچايو وڃي جتان واپسي ناممڪن هجي. وزيرا??ظم چيو ته اڃا به ڪجهه ناهي ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز بئنچ کان ا??ڳ ٿيا هئا انهن کي شامل نه ڪري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي قبول هوندو، پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکي خوشي ٿي آهي، لائرز ڪمپليڪس جي تعمير تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، مون کي ڊپ آهي ته اهو حڪم به نه ??چي وڃي ته اها رقم اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته وڪيل پاڻ ان جو دفاع ڪري وٺندا. هن چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو. وزيرا??ظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ عملي اڳڀرائي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن ڪاغذن ۾ پيل منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس کي به شامل ڪيو وڃي ۽ عورتن ۽ مرد وڪيلن جي لاءِ جدا جدا سوئمنگ پول پڻ هجڻ گهرجن. ان کان اڳ وزيرا??ظم لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وڪيل اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی