لاهور – 13 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ ??مضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفتي اٽي جي ورڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي فراهمي دوران چوري روڪڻ جي لاءِ ??ديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾پنجاب حڪومت پاران رمضان ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي ??گر??ن وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وز??را??ظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آهي، مفت اٽي اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام تي مدد فراهم ڪندي. وز??را??ظم چيو ته مفت اٽي جي ورڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي ورڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي لاءِ ??ٽي جي ورڇ جا وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس قائم ڪيا وڃن.
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم