مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي مل?? وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي وا??ي کاتي، تعليم وا??ي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چوڪ مٺي کان شروع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف ??سڪ??لن، گورنمينٽ بوائز هاءِ ??سڪ??ل مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري ??سڪ??ل، گورنمينٽ پرائمري ??سڪ??ل نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ ام?? جڳديش بوائز هاءِ ??سڪ??ل نارٿ ڪالوني ۽ ٻين ??سڪ??لن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.
ٿرپارڪر ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ