ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاق?? وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپو??ٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ ??تاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امد??دي رقم ورهائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ ??تاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي آهي. وفاق?? وزيرشازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين جي امد??دي رقم تقسيم ڪئي وئي. ا??ڙي?? ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آهي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي، وزيراعظم جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بي آءِ ايس پي ڪل 26 لک 46 هزار ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي: وفاقي وزير شازيه عطا مري
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس