اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخ?? برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ??رڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لا??ِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اتي سخ?? برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪا??رواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ??رڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لا??ِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي باڙيان واري جڳهه تي وڏي مشينري سان امدادي ڪا??روايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لا??ِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي مقامي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ??رڻ جي لا??ِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦاٿل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.
مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد