اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزير??عظ?? صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپورٽ و??ير??عظ?? کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪا??ي افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزير??عظ?? عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خ??بر??ختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪا??ي اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خ??بر??ختونخواهه 39 سرڪا??ي اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪا??ي اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خ??بر??ختونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪا??ي اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.
عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔