اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف کي گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ چونڊون ڪرائي ته جيئن اها خبر پوي ته هو پارٽي جو صدر آهي يا مريم صفدر پارٽي جي صدر آهي، سياسي بيروزگارن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، انهن جي ايجنڊا رڳو پنهنجي چو??ي بچائڻ آهي، مخالف ڌر اڳ ۾ به حڪومت کي بليڪ ??ي?? ڪرڻ جي لاءِ استعيفائن، لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد جون ڌمڪيون ڏنيون پر عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو، انهن جي ڳالهين کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان کي سندس پنهنجي تڪ جي ماڻهن رد ڪيو، هي پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کي 5 سال بيروزگاري جي اندر گذارڻا پئجي رهيا آهن، چونڊون پنهنجي و??ت تي ئي ٿينديون. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملڪ ۾ فوري چونڊن جي مطالبي تي نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ چونڊون ڪرائي ته جيئن اها خبر پوي ته هو پارٽي جو صدر آهي يا مريم نواز پارٽي جي صدر آهي، مخالف ڌر کي فوري چونڊن جا خواب اچي رهيا آهن پر چونڊون پنهنجي و??ت تي ئي ٿينديون. فرخ حبيب چيو ته سياسي بيروزگارن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. انهن حڪومت کي بليڪ ??ي?? ڪرڻ جي لاءِ اڳ ۾ به احتجاج ڪيا، عدم اعتماد، لانگ مارچ ۽ استعيفائن جون ڌمڪيون ڏئي ڏسي ورتو پر عوام انهن کي رد ڪيو، عوام انهن جي لاءِ ڇو نڪري؟ انهن جي ايجنڊا ته رڳو پنهنجي چو??ي بچائڻ آهي ۽ هي چاهين ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بدعنواني جي ڪيسز ۾ انهن کي ڇوٽ ملي وڃي جيڪا تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ ناممڪن آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي خلاف 7 ارب 32 ڪروڙ رپيا ٽي ٽيز جو ڪيس آهي، نيب ۾ ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ان کانسواءِ ايف آءِ اي به ان جي خلاف 25 ارب رپيا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيو آهي، شهباز شريف نيب آڏو پيش ٿيڻ ۽ ايف آءِ اي کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي پر حڪومت کي بليڪ ??ي?? ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا استعما?? ڪري رهيو آهي، نه حڪومت ۽ نه ئي عوام انهن جي ڳالهين کي سنجيده وٺي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ڪهڙو لانگ مارچ ڪرڻو آهي، انهن جو اڳ ۾ ئي ڪوئيڪ ??ارچ ٿي چڪو آهي، مولانا فضل الرحمان کي ان جي پنهنجي تڪ جي ماڻهن رد ڪيو، ان جو مقصد ڪشمير ڪميٽي ۽ پراڻيون مراعتون حاص?? ڪرڻ آهي، هي پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کي 5 سال بيروزگاري جي اندر گذارڻا پئجي رهيا آهن، اهو انهن جي لاءِ مشڪل ڪم آهي ان لاءِ هو اهڙي قسم جا ناٽڪ ڪندا رهندا آهن پر انهن جي ملاقاتن جي اندر ڪنهن قسم جي سنجيدگي نه آهي. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ عوام جي فائدي لاءِ ڪا ايجنڊا نه آهي، انهن جي سڄي ايجنڊا ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي، هي ماڻهو ملڪي سلامتي کان هٽي ڪري ذاتي سلامتي کي اهميت ڏين ٿا.
شهباز شريف کي گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ چونڊون ڪرائي ته جيئن اها خبر پوي ته هو پارٽي جو صدر آهي يا مريم صفدر پارٽي جي صدر آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش