اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچس??ان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بلوچس??ان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بلوچس??ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچس??ان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچس??ان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بلوچس??ان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچس??ان ک?? ٿيندو، بلوچس??ان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بلوچس??ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بلوچس??ان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بلوچس??ان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچس??ان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بلوچس??ان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچس??ان جي عوام ک?? ٿيندو. ان موقعي تي قومي اس??مبلي جو ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.
بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ