اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام ??ونڊن جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ کي متفقه طور تي ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي، ٽي او آرز جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي ويندي، 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، فارم 16 گم هو، 2018ع جون چونڊون شفاف ٿيون، مخالف ڌر پنهنجو ش??ق پوري ڪري وٺي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ 2018ع جي چونڊن جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ قوم?? اسيمبل?? ۽ ??ينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب