اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي زبان کي تعليم جو ذريعو نه بنائڻ سان ملڪ جو جوهر غربت جي انڌير?? ۾ ??ڏي ويو ۽ ڪتاب کان دوري عالمي سطح تي بي چيني ۽ خونريزي جو رستو کوليو آهي، علمي ۽ تحقيقي سرگرمين کي قومي زبان سان وابسته ڪيو وڃي ۽ کين مقامي حالتن ۽ ماحول موجب فروغ ڏنو وڃي، اهل علم ۽ رياستي ا??ارن جي فڪر ۽ عمل جي و?? ۾ ??م آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني قوم ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي بدترين تشدد جي شديد مذمت ڪري ٿو، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو هتي نيشنل بڪ فائونڊيشن جي سالياني ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صل??حڪ??ر عرفان صديقي، وفاقي سيڪريٽري انجنيئر عامر حسن ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انعام الحق جاويد به تقريب کي خطاب ڪيو.
قومي زبان کي تعليم جو ذريعو نه بنائڻ سان ملڪ جو جوهر انڌيرن ۾ ٻڏي ويو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار