بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيني ثقافت واري وزارت جي دعوت تي پنهنجي چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي وئي آهي. مملڪتي وزير جو استقب??ل چين جي ثقافت واري وزي?? لوسو جانگ ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي چين ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خالد سميت اعليٰ چيني ۽ پاڪستان?? عملدار پڻ موجود هئا. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چين جي ثقافت واري وزي?? لوسو جانگ، انفارميشن آفيس جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزير جيانگ جيانگو ۽ ايس اي پي پي آر ايف ٽي جي نائب وزير ٽانگ زانگ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندي ۽ چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي ۽ استحڪام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی