وزيراعظم جي خصوصي جهاز مان – 06 ج??لاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم کيس 5 سالن جي مدي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، قوم کي مون تي اعتبار آهي ۽ قوم ترقي وارين پاليسين تي پ??و يقين رکي ٿي. هن اهڙن خيالن جو اظهار تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دو??ي دو??ان پاڻ سان گڏ موجود صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندي ڇو ته اها سندس ڪارڪردگي ۽ ان جي زندگين ۾ نمايان تبديلي آڻڻ جي صلاحيت کان چڱي ريت آگاهه آهي. جي آءِ ٽي پاران سندس خاندان جي ميمبرن کان جاري پ??اڳاڇا بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان جا هٿ صاف آهن. وزيراعظم پڇيو ته منهنجي خلاف ڪهڙا الزام آهن؟ ڇا مون قومي ناڻي کي لٽيو آهي؟ ڇا مون ڪا ڪرپشن يا ڪو ڪڪ بيڪ حاصل ڪيو آهي؟ نواز شريف چيو ته ان شخص جو احتساب ڪيو پيو وڃي جنهن هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.
قوم اسان کي 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک