گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چيو آ??ي ته مرڪزي غزه ۾ س??دس نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن مان هڪ تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ هن جا 6 ملازم شهيد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ??اب??و اداري اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان اسڪول کي اسرائيل پنجون ڀيرو حملن جو نشانو ب??ايو آ??ي. پرڏيهي ??اب??و اداري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل اسڪول اندر حملن جي منصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي نشانو ب??ايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪئي آهي جن ۾ عام شهرين کي نشانو ب??ايو ويندو آ??ي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ٺڪاڻن کي به نشانو ب??ائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : پاور بال