مناما-17 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گو??ريش چيو آهي ته غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلس??ين??ن کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي. بحرين جي شهر مناما ۾ عرب ليگ جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گو??ريش چيو ته رفح تي به ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي، هن غزه کي وچ اوڀر جو کليل زخم قرار ڏيندي چيو ته اتي انساني بنيادن تي جنگ بندي، سمورن يرغمالين جي آزادي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته جهڙي ريت 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملن جو ڪو سبب پيش نٿو ڪري سگهجي اهڙي ريت فلس??ين??ن کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو پڻ ڪو به سبب پيش نٿو ڪري سگهجي. جنرل سيڪريٽري غزه جي ڏکڻ علائقي رفح ۾ اسرائيلي حملي کي قبولڻ جوڳو نه قرار ڏيندي چيو ته ان سان ماڻهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو، هن غزه ڪن??ري ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن اسرائيلين جي غير قانوني آبادين، آبادڪارين جي تشدد ۽ اسرائيلي فوج پاران طاقت جي حد کان وڌيڪ استعمال ۽ فسل??ين??ن جي ملڪيتن جي تباهي ۽ انهن کي علائقي مان بي دخل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تشدد ۽ عدم استحڪام جو خاتمي جو واحد مستقل رستو مسئلي جو ٻه رياستي حل آهي جنهن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين پاڙيسري ملڪن جي حثيت سان گڏ رهن ۽ وال??ري بيت المقدس ٻنهي جو گڏيل گادي وارو شهر هجي. هن والاريل او??هن??ي علائقي ۾ ڇڪتاڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ليبيا، يمن ۽ سوڊان ۾ امن عمل جي تحفظ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شام جي ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي مفاهمت و??ري جذبي سان گڏ ٿين. پنهنجي مقصد کي اهميت ڏين ۽ سڀني جي حقن جو احترام ڪن.
غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش