گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن هلندڙ سال کي ٻارن ل??ءِ ڏُکيو تر??ن سال قرار ڏئي ڇڏيو. گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف جي جاري ڪيل هڪ فليگ شپ اسٽڊي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته 24ع ۾ سڄي دنيا جي ٻارن کي ت??دد ۽ جنگ سان گڏوگڏ معاشي ڏُکيائين ۾ اضافو ڏسڻ جو امڪان آهي. يونيسيف چيو ته هو هلندڙ سال ٻارن کي درپيش خطرن ۾ ڏسي ٿو ۽ امڪاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جا طريقا تجويز ڪري ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال مسلسل تڪرارن ۽ معاشي غير يقيني صورتحال ۾ اضافي جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تڪرارن جا امڪان عالمي طاقتن وچ ۾ وڌندڙ ڇِڪتاڻ سان ٻارن جي حقن ۽ زندگين کي خطرا لاحق آهن جنهن سان ٻارن جي زندگين، تعليم، صح?? جي سارسنڀال ۽ غذائيت کي نقصان پهچندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي حفاظت جو طريقو معاشي يڪجهتي، مارڪيٽ ۾ سهڪار ۽ مستقبل جي مهارتن ۾ سيڙپڪاري آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي ته وِکريل گهڻ رُخي نظام ٻارن جي ڪُليدي مسئلن کي حل ناهي ڪري رهيو پر هي ٻارن جي حقن جي سنگين خلاف ورزين کي مُنهن ڏيڻ جي ڪوششن کي محدود ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته 24ع ۾ ڪيتريون ئي چونڊون ٿينديون ۽ عالمي جمهوريت کي بي مثال خطرن کي مُنهن ڏيڻو پوندو جيڪا غلط ڄاڻ ۽ سياسي ت??دد ذريعي پيش ڪئي ويندي جنهن سان ٻارن جي حقن ۽ خدمتن کي خطرا پيدا ٿيندا. رپورٽ مطابق هلندڙ سال ٻار ۽ نوجوان خاص طور تي ان تشدد جو شڪار ٿي سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ موت، جسماني يا جذباتي نقصان، عوامي خدمتن ۾ خلل ۽ اسڪول بند ٿي سگهن ٿا.
گڏيل قومن هلندڙ سال کي ٻارن لاءِ ڏُکيو سال قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی