گڏيل قومون -24 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا. ترڪ خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ پريس ڪانفرنس ۾ سوڊان ۾ جهيڙن جي علائقائي اثرن جو جائزو وٺندي چيو ته خطو پهرين ئي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. ڌرين کي عوام جي مفادن کي ترجيح ڏيندي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجن. هن خبردار ڪيو ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ اولهه سوڊان، چاڊ ۽ خط?? جي ٻين ملڪن جي صورتحال کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن سوڊان ۾ جهڙپن جو حل نه ڪڍيو ويو ته نه رڳو سوڊان پر پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني همدرد?? جي ڪارڪنن ٿوري وقت ۾ جنگ بندي تي اتفاق کان پوءِ 40 لک ماڻ??ن تائين امداد جون تقريبن 168 ٽرڪون پهچايون. تنهن هوندي به موجوده صورتحال هاڻي به مڪم?? طور تي انساني بنيادن تي ڪارروائيون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته گڏيل قومون مختصر وقت جي جنگبند?? جي نگراني ۾ ڪو به باضابطه ڪردار ادا ناهي ڪيو، پر اسٽريٽجڪ ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪئي آهي.
سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ