بيجنگ -29 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته هو چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي ۽ جٽادار سماجي اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. بيجنگ ۾ معمول واري ??ريفنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته سي پيڪ تي تيزي سان اڳڀرائي جاري ??هي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جا بهتر نتيجا سامهون ايندا، جنهن سان پاڪستان ۾ توانائي جي ڍانچي ۽ توانائي جي سيڪيورٽي جي بهتري ۾ مدد ملندي. ترجمان ٿرڪول بلاڪ ون بابت پاڪستان جي وزيراعظم جي ان بيان جي واکاڻ ڪئي جنهن ۾ هن چيو ??و ته هي منصوبو واريءَ جي ڀٽن کي توانائي جي ذريعن ?? تبديل ڪري ڇڏيندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ان منصوبي سان سڄي ملڪ کي بجلي جي فراهمي ملندي. ان سان ملڪي معيشت کي ترقي ملندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2