نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن هنگري سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۾ ت??زي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ت??اون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته هنگري پا??ست??ن ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻي پا??ست??ني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو به جائزو ورتو.
بلاول ڀٽو زرداري جي هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری