اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد ??هي، بدقسمتي سان پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي پوليو جا مريض اڃا تائين موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پوليو جي خاتمي لاءِ گڏ??ل مشن طور قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته والدين کي اپيل آهي ته اهي پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن، پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد ??هي، ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن تائين پهچ ڪٽجي وئي آهي ان لاءِ پوليو جي خلاف مهم هڪ چئلينج بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته پوليو جي خالف مهم ۾ ڪنهن به قسم جي سستي ن?? ٿيڻ گهرجي، اسان عالمي حصيدارن خاص طور تي بل اينڊ ملينڊا گي??س فائونڊيشن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن