انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ?? توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – ف??ر اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ?? هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيراعظم چيو آهي ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪستان ?? سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان ?? توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو ٿي??دو. هن چيو ته پاڪستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ?? اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪندي وزيراعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ?? ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻئي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهاي?? دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل ??هي?? آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ?? ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پاڪستان ?? خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿي??ن ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿي??ن، هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ?? زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ?? ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿي??ن ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿي??ن وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب جي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ تمام اهم ڪرد??ر ادا ڪري سگهي ٿي.
وزيراعظم پاران ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia