اسلام ??باد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام ??يد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام ??ه ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏي??هن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شه??از شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شه??ت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ م??نت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم ج??هن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏي??هن صبح سوير اسلام ??باد پهچي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
عيد پُوري ٿي هاڻ اچو ته ڪم تي ڌيان ڏيُون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا