اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي ??طر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??طر جي امير وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظ??يٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ??طر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ??طر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن ??طر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ ??طر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ ??طر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، اس??حڪ??م ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم ??طر جي امير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان ??طر لاڳاپن ۾ اس??حڪ??م ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ