اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير شفقت محمود، چوڌري فواد حسين، غلام سرور خان، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرززق دائود آهن. لاهور ۾ پنجاب جو وڏو وزير سر??ار عثمان بوز??ار وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ انڊسٽريل پئڪيج جو اعلان ڪندو. ب??د ۾ وزيراعظم راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزنن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس