اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جه??نن جي سردار عالم صلي الله عليه واله وسلم جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيدميلاد النبي ﷺ جي مقدس موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي ??ل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي نه رڳو مسلم??نن لاءِ پر ٻنهي جه??نن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جه??نن جي سردار ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فضا درود ۽ س??ام جي نذر??نن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي پاڪستان کي ??ندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي ??اقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين خالي ڪشميرين کي ??نهن جو حق ملي ۽ اتحاد امت ۽ اتحاد بين المسلمين لاءِ به دعا ڪئي.