اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي ??اء?? وڏو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي ??اء?? تفويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ شهرين کي جزوي ر??ليف جو اشارو ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وينديون جڏهن ??ه صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪو جون کوليون وينديون جڏهن ??ه صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بلوچستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وزيراعظم ??مران خان جي هدايتن جي ر??شني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو ويندو.
وزيراعظم پاران شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڏو فيصلو، 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی