اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪ جهڙن مذهبي ۽ ثقافتي ??درن جي بنياد تي ??ائم آهن. پرڏيهي وزير جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل بحرين جي دوري دوران، بحريني قيادت سان ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي ت??لسل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميون??ي، ٻطرفن لاڳاپنج ي استحڪام جو مظهر آهي، پاڪستان بحرين سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون جي فروغ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪامل اءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو. بحريني سفير منامه ڊائيلاگ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتنامو پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن