اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان جاپان سان متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ??اڪ??تان ۾ مقرر جاپان جي سفير ڪونينوري ماتسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي جڏهن ته ??اڪ??تان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان جاپان سان متبادل توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. جاپاني سفير پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽيوٽا ڪمپني ??اڪ??تان ۾ هائبرڊ ڪارسازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي، ان کانسواءِ جاپان ??اڪ??تان مان تربيت يافته افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ هزار انجنيئرز جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. جاپاني سفير چيو ته ??اڪ??تان ۾ فوڊ پراسيسنگ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ جاپان جي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. جاپاني سفير وڌيڪ چيو ته جائيڪا ملتان ۾ پا??ي جي نيڪالي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ قدم کڻندي. پرڏيهي وزير ??اڪ??تان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان جاپاني سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ جاپاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان جاپان سان متبادل توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania