اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي ??الي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪي?? آهن. نوجوانن، عورتن ۽ خ??وص?? ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي ??يادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي ??اپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطر?? ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چ??و ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خ??وص?? تعاون سان هنر جي ??راهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چ??و ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ??الي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪي?? ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪ??و ته آگاهي جي کوٽ ج?? ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏيار??و ته هو اين جي اوز، عورتن جي ??ونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.
واپاري ۽ صنعتڪار عورتن ۽ معذورن کي ملازمتُون ڏين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس