اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن ??ي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سدا??ين انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه ??چي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آه??، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گهٽ رقم جو آهي، انهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.
اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت