اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منص??بو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهمي جو اهو منص??بو تيز ??فت??ر بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.
ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : راکی