اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت کي مخالف ڌر پاران ڀرپور تعاون جي آڇ ڪندي چيو آ??ي ته سڄي دنيا کي مثالي اتحاد ۽ ٻڌي سان متحد ??ارليامينٽ ۽ متحد ??اڪستان جو آ??از ويندو، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي سبق سيکارڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو وڏو اهم موڙ آهي ۽ ان جي اسان کي اجتماعي بصيرت، جرئت ۽ همت کان ڪم وٺڻو پوندو، هڪ طرف ڪشمير جي وادي ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، ٻئي طرف هڪ اسا?? جو دشمن جنهن سان اسا?? جو واسطو آ??ي ان وري 1971ع کانپوءِ پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪو هڪ سنگين عالمي ڏوهه آهي ۽ چار ڪلوميٽر اندر آيا پوءِ بم ڪيرائي تڪ?? ۾ واپس هليا ويا.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada