اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير خواجه سعد ??فيق چيو آ??ي ته پي ٽي آءِ جي فيصل آباد ۾ جلسي کان ڀڄڻ جو اصل سبب لاهور شو ۾ پنجاب واسين جي عدم دلچسپي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻي خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري خرچ تي عمران جا اجلاس منعقد ڪيا ويندا، لڳي ٿو عمران خان جي اي ٽي ايم مشينن احتساب جي ڊپ کان هٿ ڪڍي ورتو آ??ي، خواجه سعد ??فيق چيو ته پي ٽي آءِ ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته اها هر ڀيري پنهنجن عورت ڪارڪنن جي حفاظت ۾ ناڪام ڇو رهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ گهڻ ڳالهائو آ??ن ۽ گڏوگڏ هٿ چراند ڪندڙ به. عمران خان پنهنجو بدتميزي جو طوان مسلم ليگ(ن) تي ٿاڦڻ بدران عورتن جي بي حرمتي جي ذميوارن کي لگام ڏئي. هن چيو ته الزام ۽ ڪوڙ پي ٽي آءِ جو ٽريڊ مارڪ بڻجي چڪا آهن.اي پي پي/ن – ش 18:48
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن