دبئي-24 ڊسمبر (اي پي پي )دبئي ۾ نئين سال جي جشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن .اي پي پي موجب نئين سال جي موقعي تي ??بئي ۾ برج خليفه سميت 36 هنڌن تي ??تش بازي جا مظاهرا ٿيندا. 2024 جي آخري ڏينهن ۽ 2025 جي استقبال جي جشن لاءِ سيڪورٽي انتظام به مڪمل ڪيا ويا آهن. انتظاميه پاران جن هنڌن تي ??تشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا ??تي ماڻهن جي آمد و رفت ۽ حفاظت لاءِ به انتظام ڪيا ويا آهن جن هنڌن تي ??تشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا انهن ۾ برج خليفه، دبئي فريم ، اڪسپو وليج،، جميرا بيچ ، بلو واٽر ، دابيچ جي بي آر ، دبئي پارڪس اينڊ ريزروٽ ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن . آتشبازي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ خانگي سيڪورٽي سروسز جي ادارن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن ته جيئن ??تي آيلن کي ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون درپيش نه اچن ۽ جشن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿي سگهن. انتظاميا مداحن کي اپي?? ڪئي آهي ته هو جشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سيڪورٽي اهلڪارن سان تعاون ڪن ته جئين مڪمل امن امان جي فضا ۾ خوبصورت جشن مان لطف اندوز ٿي سگهن.