گڏيل قومون – 19 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقبل نمائندي منير اڪرم اسلاموفوبيا تي او آءِ سي جي ??ستقل نمائندن جي ڪور گروپ جي ??يادت ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي، جن??ن ۾ اسلاموفوبيا خلاف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??هرائن تي عمل جو جائزو ورتو. ٺهرائن ۾ دنيا جي ??ختلف حصن ۾ وڌندڙ مسلمان مخالف جذبن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پريس ريليز مطابق اها ملاقات نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ج?? هيڊڪوارٽر ۾ ٿي جيڪا ٺهراءُ 264/78 تي عمل جي سلسلي ۾ فالو اپ هئي. اهو ٺهراءُ 15 مارچ تي منظور ڪيو ويو جن??ن جي شرطن تحت 193 رڪني جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو مذهبي عدم برداشت، ناڪاري دقيانوسي تصورن، مسلمانن خلاف نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ قان??ن سازي ۽ پاليسي قدمن سميت سمورا ضروري قدم کڻي. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي وئي ته هو ان رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جو خاص ايلچي مقرر ڪري. پريس ريليز ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران او آءِ سي جي سفيرن ٺهراءُ تي وقت سر عمل خاص طور تي اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ خاص ايلچي جي ??قرري جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عالمي سطح تي اسلاموفوبيا جي روڪٿام لاءِ هڪ جامع ايڪشن پلان لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي قيادت ۾ او آءِ سي سفيرن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ايلچي جي مقرري جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais