گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ امن کي درپيش خطرن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهٽجندڙ امڪانن باوجود عورتون سڄي دنيا ۾ امن لا??ِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قوم?? جي سياسي ۽ امن بابت معامل?? جي سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو. امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تي قيادت جي صنفي تبديلي جي طاقت ۾ سيڙپڪاري تي بحث دوران ڳالهائيندي هن سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته نوجوان نسل لا??ِ رستا کوليا وڃن. هن چيو ته عورتن ۾ سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا، تڪرارن کي روڪڻ ۽ جٽادار ۽ جامع امن حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. هن خبردار ڪندي هن عالمي طاقت جي ڍانچي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻي?? جي عدم تحفظ وارن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لا??ِ اسان کي ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. روز ميري ڊي ڪارلو عورت?? جي قائداڻي ڪردار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان 3 اهم شعبن مڪالمي ۾ سهولتڪاري، ام?? جي جامع عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوان عورت?? جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪئي. هن اهڙي جامع امن عمل کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ عورتن کي ترجيحي ڪردار ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته عورت، امن ۽ سلامتي تي ڪائونسل جي سالياني ??حث دوران سيڪريٽري جنرل امن عمل ۾ عورت?? جي شرڪت کي يقيني ??ڻائڻ لا??ِ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو هو.
عورتون دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان