ٽوڪيو-04 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي گذريل ھفتي فائر ڪيل ھڪ نئين بين البراعظمي بيليسٽڪ مي??ائ?? بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل فضائي مشقون شروع ڪيون آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف گذريل ڏي??ھن اعلان ڪيو آهي ته مشقون ملڪ ??ي ڏکڻ واري ٻيٽ چيجو جي اوڀر ۾ ھوائي حدن ۾ ٿيون ج??ھن دوران مقرر ڪيل هدفن کي درست انداز ۾ حملا ڪرڻ جي صلاحيت جي تصديق ڪئي وئي. مشقن ۾ آمريڪا جو ايف-16 جنگي جھاز ۽ ھڪ بي-1 بمبار جھاز شامل ھو. اتر ڪوريا انهن بمبار جھازن جي صلاحيتن بابت محتاط آھي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج جو چوڻ آھي ته ٽئي ملڪ ??تر ڪوريا جي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ گڏيل طور جواب ڏيڻ جي سھڪار کي مضبوط بڻائيندا. 5 نومبر تي منعقد ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن جي موقعي تي پيانگ يانگ بيليسٽڪ مي??ائ?? فائر ڪري سگھي ٿو ۽ ايٽمي تجربو پڻ ڪري سگھجي ٿو.
اترڪوريا پاران بين البراعظمي ميزائل فائر ڪرڻ بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جون گڏيل مشقون شروع
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر