بغداد -06 آگ??ٽ (اي پي پي) عراق ۾ عين الاسد ايئر بيس تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن . فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري کا??ي جي ترجمان چيو آهي ته عين الاسد ايئر بيس تي آمريڪي ۽ اتحادي فوج ??لاف گذر??ل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار حملي بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي فراهم ??ئي ويندي. عراق جي فوجي ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته ايئر بيس تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪجهه ان جي اندر ڪريا ۽ ڪجهه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. واضع رهي ته عراق ۾ آمريڪي فوج ??ا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : راکی