بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊر?? پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي ان ??اقعي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان ??هچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ??اڪستان ۾ داسو هائڊر?? پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان ??اقعي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چيني ڪمپني جي داسو هائڊر?? پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽ??ب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان ??ر ممڪن ڪوشش سان ??الواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ??ڌايو ته پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نقصان ??هچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان ??ڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ