گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس چيو آهي، ته غزه ۾ ع??لمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اتي فوري جنگ بندي ڪئي وڃي. سلامتي ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي سيشن ۾ خطاب ڪندي هن ??يو ته اسرائيل 56 سالن کان فلسطينين تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آهي. هن ??يو ته حماس جي حملن ??ي جواب ۾ اسرائيل جهڙي طرح فلسطيني علائقن ۾ بمباري ڪري رهيو آهي ان بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال آهي. هن ??يو ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو پر ان بعد جهڙي ريت غزه کي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي ان جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. هن ??يو ته مان گهري ڳڻتي ۾ آهيان ته هن وقت غزه ۾ ع??لمي قانونن جي سرعام خلاف ورزي ٿي رهي آهي. ما?? اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هٿياربند ويڙهه ۾ پڻ ڪنهن به ڌر جڪو پاڻ کي عالمي قانونن کان مٿانهون سمجهڻ جو حق ناهي، جيتوڻيڪ سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه اسرائيل جو نالو وٺڻ بنا چئي آهي. سلامتي ڪائونسل جي خاص سيشن دوران ٿوري ئي دير ۾ اسرائيل جي سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي استعيفيٰ جو اهو چئي مطالبو ڪيو ته انتونيو گوتريس دهشتگردن ۽ قاتلن ??ان گڏ ٺاهه جي حمايت ڪري ??و.
غزه ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو