اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا تر??يحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاش?? استحڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪا??ن ۽ ڪاروباري برادري کي سمور??ون سهولتون ڏيڻ اولين تر??يح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدا??ن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش باقي مسئلن جو پڻ تر??يحي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاش?? استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪا??ن ۽ ڪاروباري برادري کي سمور??ون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين تر??يح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي درپيش مسئلن جي تر??يحي بنيادن تي حل تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سمور??ون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪ??ون ويون. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ تر??يحي بنيادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کڑک